وزيراعظم شهباز شريف ايم ڊي آءِ ايم ايف ڪرسٽالينا جارجيوا کان مدد طلب ڪري ورتي

وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي) ڪرسٽالينا جارجيوا سان رابطو ڪيو آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ايم ڊي آءِ ايم ايف ڪرسٽالينا جارجيوا کان 9 هين جائزي کي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد گهري ورتي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان بجيٽ جا تفصيل آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيا ويا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ناڻي واري وزارت کي آءِ ايم ايف سان گڏجي بجيٽ تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

ذريعن موجب پرڏيهي فنڊنگ جي معاملي تي آءِ ايم ايف جا مطالبا برقرار آهن.

ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف ايڪسچينج ريٽ ۾ انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ريٽ ۾ فرق ختم ڪرڻ چاهي ٿو.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو پروگرام ختم ٿيڻ ۾ 30 ڏينهن باقي آهن.

ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 27 مئي تي ايم ڊي آءِ ايم ايف ڪرسٽالينا جارجيوا سان رابطو ڪيو.

Read Previous

ڏکڻ پنجاب مان اهم شخصيتن جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو امڪان

Read Next

عمران خان خلاف جلاءُ گهيراءُ جي ٽن ڪيسن ۾ ضمانتي مچلڪا منظور

Most Popular