عمران خان خلاف جلاءُ گهيراءُ جي ٽن ڪيسن ۾ ضمانتي مچلڪا منظور

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي 3 ڪيسن ۾ ضمانتي مچلڪا منظور ڪري ورتا.

عمران خان دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج اعجاز احمد جي سامهون پيش ٿيو ۽ دستاويز جمع ڪرايا جيڪي منظور ڪيا ويا.

ايڊووڪيٽ حبيب طرفان ٽنهي ڪيسن ۾ عمران خان جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا ويا.

عدالت عمران خان جي 9 مئي سانحي جي ڪيسن ۾ 2 جون تائين عبوري ضمانت منظور ڪندي ٽن ڪيسن ۾ هڪ هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ان کان اڳ دهشتگردي جي انت واري عدالت عمران خان جي گاڏي کي عدالت ۾ آڻڻ جي اجازت ڏني هئي، جنهن بعد جيمر ڪار ۽ سيڪيورٽي گاڏيون زمان پارڪ پهچي ويون.

Read Previous

وزيراعظم شهباز شريف ايم ڊي آءِ ايم ايف ڪرسٽالينا جارجيوا کان مدد طلب ڪري ورتي

Read Next

نواز شريف جي پارٽي صدارت بحال ڪرڻ واري درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار

Most Popular