حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي موت جي سزا ڏني وڃي، ڀارتي جاچ اداري جي عدالت کي استدعا

ڀارتي جاچ اداري عدالت کي درخواست ڪئي آهي ته حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي موت جي سزا ڏني وڃي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب نئين دهلي هاءِ ڪورٽ موت جي سزا بابت لا ڪميشن جون سفارشون به طلب ڪري ورتيون آهن.

حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن ڀارتي جاچ اداري (اين آءِ اي) کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي درخواست جي سخت مذمت ڪئي آهي.

حريت اڳواڻن چيو آهي ته مودي حڪومت 2024 جون چونڊون کٽڻ لاءِ ياسين ملڪ کي قتل ڪرڻ چاهي ٿي.

هن چيو ته اين آءِ اي جي ڪارروائي ڪشميري قيادت کي ختم ڪرڻ جو سوچيل سمجهيل منصوبو آهي، انساني حقن جون تنظيمون ياسين ملڪ خلاف ڪارروائي جو سخت نوٽيس وٺن.

حريت اڳواڻ چيو ته ياسين ملڪ تي دهشتگردن کي فنڊنگ جو ڪوڙو الزام لڳايو ويو آهي.

Read Previous

نواز شريف جي پارٽي صدارت بحال ڪرڻ واري درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار

Read Next

ڪيناڊا ۾ گهر ڌڻي ٻن مسواڙ تي رهندڙ جوڙي کي قتل ڪري ڇڏيو

Most Popular