نواز شريف جي پارٽي صدارت بحال ڪرڻ واري درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار

لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پارٽي صدارت بحال ڪرڻ لاءِ داخل درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي ڇڏي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي نواز شريف جي پارٽي صدارت بحال ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي اعتراضن جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت رجسٽرار آفيس جا اعتراض برقرار رکندي درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي ڇڏي.

گذريل ڏينهن رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست تي اعتراض واريو هو.

رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ اعتراض ڪيو ته نواز شريف کي سپريم ڪورٽ نااهل قرار ڏنو، درخواستگذار سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪن.

رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ به پنهنجي اعتراض ۾ چيو هو ته لاهور هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي ماتحت آهي، هتي ٻڌڻي نٿي ٿي سگهي.

Read Previous

عمران خان خلاف جلاءُ گهيراءُ جي ٽن ڪيسن ۾ ضمانتي مچلڪا منظور

Read Next

حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي موت جي سزا ڏني وڃي، ڀارتي جاچ اداري جي عدالت کي استدعا

Most Popular