آمريڪي فوجي جي لاش جي باقيات 73 سالن بعد وارثن حوالي

ڪورين جنگ ۾ مارجي ويل آمريڪي فوجي جي مڙهه جي باقيات 73 سالن کانپوءِ وارثن کي دفنائڻ لاءِ ڏني وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب لوٿر هرشل اسٽوري پهرين سيپٽمبر 1950ع تي 18 سالن جي عمر ۾ جنگ دوران مارجي ويو هو.

پرڏيهي ميڊيا موجب لوٿر هرشل اسٽوري جي مڙهه کي سندس اباڻي رياست جارجيا ۾ مڪمل فوجي اعزازن سان دفنايو ويو.

رپورٽن مطابق مارجي ويل آمريڪي فوجي جي لاش جي باقيات هڪ مهيني کانپوءِ ملي آهي پر هن وقت تائين فرانزڪ ٽيڪنڪ ذريعي ان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي.

Read Previous

ڪيناڊا ۾ گهر ڌڻي ٻن مسواڙ تي رهندڙ جوڙي کي قتل ڪري ڇڏيو

Read Next

آمريڪا، جاپان ۽ فلپائن جي ڪوسٽ گارڊ فورسز جون پهريون سامونڊي مشقون

Most Popular