آمريڪا، جاپان ۽ فلپائن جي ڪوسٽ گارڊ فورسز جون پهريون سامونڊي مشقون

آمريڪا، جاپان ۽ فلپائن جون سامونڊي فوجون پهريون ڀيرو ڏکڻ چين سمنڊ ۾ ٽن طرفي بحري مشقن ۾ حصو وٺنديون.

مشقون پهرين کان 7 جون تائين جاري رهنديون جنهن ۾ آسٽريليا مبصر طور شرڪت ڪندو.

مشقن ۾ فلپائن جا چار ۽ آمريڪا ۽ جاپان جا هڪ هڪ جهاز حصو وٺندا.

اهي مشقون سامونڊي قانون لاڳو ڪرڻ، سرچ ۽ بچاءُ واري عمل ۾ تعاون کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪيون پيون وڃن.

هن سال فيبروري ۾، فلپائن جاپان ۽ آمريڪا کي گڏيل بحري مشقن جي تجويز ڏني.

Read Previous

آمريڪي فوجي جي لاش جي باقيات 73 سالن بعد وارثن حوالي

Read Next

چيني خلائي جهاز شين زو سويلين سائنسدان کي کڻي خلا ۾ روانو

Most Popular