اسان جا قانوني قدم به روڪيا وڃن ٿا: خواجا آصف

بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته اهڙو موڙ اچي ويو آهي جو جيڪڏهن اسان ڪو قانوني قدم کڻون ٿا ته ان کي به روڪيو وڃي ٿو.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آڊيو ليڪس ڪميشن جو عمل روڪي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته چيف جسٽس به جاچ هيٺ معاملن ۾ ملوث هو، اهو ئي سبب آهي ته چيف جسٽس کي آڊيو ليڪس ڪميشن جي معاملي کان الڳ رکيو ويو.

بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته آڊيو ۾ ثاقب نثار جا پٽ ڪروڙين رپين جي ڊيل ڪندي نظر آيا، اڳوڻي چيف جسٽس جي پٽ 1 ڪروڙ 20 لک رپيا ان اليڪشن لاءِ ورتا، جيڪي اڃا تائين ناهي ٿي.

هن چيو ته افتخار چوڌري پنهنجي پٽ جي ڪيس کان پاڻ کي ڌار ڪيو هو، جيڪڏهن اڳوڻو چيف جسٽس پاڻ کي ڪيس کان ڌار ڪري سگهي ٿو ته هاڻوڪو به ڪري سگهي ٿو.

Read Previous

آءِ سي سي چيئرمين لاهور ۾ اڄ نجم سيٺي سان ملاقات ڪندو

Read Next

سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو خاتمو ڪري هر حال ۾ امن امان بحال ڪنداسين: آءِ جي سنڌ

Most Popular