سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو خاتمو ڪري هر حال ۾ امن امان بحال ڪنداسين: آءِ جي سنڌ

گهوٽڪي( رپورٽ: جلال بوزدار) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڳوٺ قادرپور پهچي شهيد پوليس ڪانسٽيبل خالد حسين ميمڻ جي وارثن سان تعزيت ڪئي، 15 ڏينهن اڳ اندل سندراڻي ٿاڻي جي پوليس صادق لاکي تي ڊيوٽي دوران اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار خالد حسين ميمڻ شهيد ٿي ويو هو.

ان موقعي تي ڊي آءِ جي سکر جاويد سونارو جسڪاڻي، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ، ايس ايس پي اسپيشل برانچ منير احمد کھڙو ۽ اي ايس پي آءِ جي عبدالرحمان شاهه گهوٽڪي پڻ موجود هئا.

آءِ جي سنڌ ۽ ٻين آفيسرن شهيد پوليس ڪانسٽيبل جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيد اهلڪار جي پُٽ سان تعزيت ڪئي، شهيد اهلڪار جي ٻارن لاءِ 2 نوڪريون، هڪ ڪروڙ نقد ۽ تعليم جي خرچ جو به اعلان ڪيو.

ان موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته انشاءَ الله تمام جلد شهيد اهلڪار جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني ويندي، گهوٽڪي ضلعي سميت سڄي سنڌ ۾ اهڙن ڌاڙيلن جو خاتمو ڪري امن امان هر حال ۾ بحال ڪيو ويندو، جنهن بعد آءِ جي پي، ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس پهتو، جتي پوليس جي چاڪو ۽ چوبند دستن سان کيس سلامي ڏني.

آءِ جي سنڌ جي ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين آفيسرن سان امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي آءِ جي کي امن امان ۽ ڪچا آپريشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

آءِ جي سنڌ جي آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ گهوٽڪي ايس ايس آفيس ميرپور ماٿيلو پهچي ويو، ڪچي واري صورتحال تي اهم اجلاس ڪوٺايو ويو، ۽ پوليس عملدارن سان پُڻ گڏجاڻي ڪئي.

ان موقعي تي ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي، ايس پي سکر ، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو، ايس ايس پي اپيشل برانچ سکر، ۽ ٻين پُڻ شرڪت ڪئي.

ٻي پاسي ذريعن موجب اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ پاران ڪچي جي ڏوهارين جي سهولتڪاري ڪندڙن جي لسٽن تي غور ويچار ڪرڻ بعد سندن خلاف ڪارروائي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي.

ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد ورتي ويندي، آئي ٽي ماهرن کي سرگرم ڪيو ويو آهي ، اڄوڪي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، هوڏانهن وري آءِ جي سنڌ ڪچي جي بندن تي قائم پوليس پڪٽن جو به دورو ڪيو…

Read Previous

اسان جا قانوني قدم به روڪيا وڃن ٿا: خواجا آصف

Read Next

آڊيو ليڪس ڪميشن به سپريم ڪورٽ جي بينچ تي اعتراض واري ڇڏيا

Most Popular