آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ملتوي

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪري رهي آهي، بينچ ۾ جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد به شامل آهن.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته موجوده ڪيس ۾ اسان کي ڪجهه درخواستون مليون آهن، انهن کي ڪيس ۾ شامل ڪنداسين، پهريان اٽارني جنرل جي درخواست تي ٻڌڻي ڪنداسين، اعتراض واري معاملي تي اٽارني جنرل جا دليل به ٻڌنداسين. بينچ گذريل ٻڌڻي تي اعتراضن تي فيصلو نه ڏنو هو، ايندڙ هفتي نئين درخواستن تي دليل ٻڌنداسين.

ايڊووڪيٽ شعيب شاهين دليل ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسان ٽاڪ شوز ۾ ويهون ٿا، ٽي وي تي دفاع ڪريون ٿا ته گذريل 1 سالن کان سپريم ڪورٽ سان ڇا ٿي رهيو آهي، جنهن تي عدالت چيو ته مان لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان.

چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته اوهان جا سمورا خدشا ٻڌا ويندا، وڪيل شعيب شاهين چيو ته سڀني ڏٺو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي در تي ڇا ڪيو.

چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل جي درخواست اڃا داخل ناهي ڪئي وئي، اٽارني جنرل جي بئنچ تي اعتراض واري درخواست تي رجسٽريشن نمبر طلب ڪيو آهي، اٽارني جنرل درخواست جي ڪاپي سڀني ڌرين کي فراهم ڪري، ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي ڪنهن وقت ٿيندي.

سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

عمران خان جي 6 ڪيسن ۾ گرفتاري روڪڻ واري حڪم ۾ واڌ

Read Next

ڍاڪا کان ڪوالالمپور ڏانهن ويندڙ اڏام جي پينانگ ۾ ايمرجنسي لينڊنگ

Most Popular