هدايتڪار لڪشمن اٽيڪر وڪي ڪوشل سان ڪترينا ڪيف ڪاسٽ نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

بالي ووڊ هدايتڪار لڪشمن اٽيڪر پنهنجي ايندڙ فلم ”زارا هٽ ڪي زارا بچ ڪي“ ۾ اداڪار وڪي ڪوشل کي سندس زال زال ۽ اداڪارا ڪترينا ڪيف سامهون ڪاسٽ نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ايندڙ فلم ”زارا هٽ ڪي زارا بچ ڪي“ ۾ اداڪاره سارا علي خان ۽ اداڪار وڪي ڪوشل مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندا.

هاڻي ڄاڻايل فلم جي پروموشنل مهم جاري آهي، فلم جي پروموشن دوران هدايتڪار لڪشمن اٽيڪر کان پڇيو ويو ته هن فلم جي مرڪزي ڪردار لاءِ بالي ووڊ جي باربي ڊول ڪترينا ڪيف کي ڇو نه ڪاسٽ ڪيو؟

انٽرويو دوران ان سوال جو جواب ڏيندي هدايتڪار چيو ته مون اهو نه سوچيو ته ڪترينا ڪيف وچولي طبقي جي جوائنٽ فيملي جي ننهن جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪترينا ڪيف ٻولي سمجهي سگهي ها ته مان کيس ڪاسٽ ڪريان ها.

هن وڌيڪ چيو ته ڇا توهان سمجهو ٿا ته ڪترينا ڪيف ننڍڙي شهر جي هيروئن آهي؟ مان وڪي ڪوشل ۽ ڪترينا ڪيف سان ضرور ڪم ڪرڻ چاهيندس جيڪڏهن مستقبل ۾ مون کي ڪا سٺي اسڪرپٽ ملي جيڪا انهن لاءِ مناسب آهي.

واضح رهي ته سارا علي خان ۽ وڪي ڪوشل جي رومانوي ڪاميڊي فلم ”زارا هٽ ڪي زارا بچ ڪي“ هڪ شادي شده جوڙي جي ڪهاڻي آهي، جيڪي زندگيءَ جي مسئلن کان تنگ اچي طلاق جو فيصلو ڪن ٿا، فلم 2 جون تي سينيما گهرن جي زينت بڻجندي.

Read Previous

ڪياماڙي ۾ زهريلي گيس سبب فوتگين وارو معاملو، آءِ جي سنڌ عدالت طلب

Read Next

اداڪاره انعمتا قريشي پاران سس جي ظلمن بابت اهم انڪشاف

Most Popular