ڪياماڙي ۾ زهريلي گيس سبب فوتگين وارو معاملو، آءِ جي سنڌ عدالت طلب

سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪياماڙي جي علي محمد ڳوٺ ۾ زهريلي گيس سبب فوتگين واري ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ کي طلب ڪري ورتو آهي.

چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ جي سربراهيءَ ۾ بئنچ زهريلي گيس سبب فوتگين واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايڊووڪيٽ جنرل پوليس رولز ۽ ڊپارٽمينٽل ڪارروائي بابت تفصيل پيش ڪيا.

عدالت فوت ٿي ويل شهرين جي پوسٽ مارٽم کانسواءِ ئي ڪيس بند ڪرڻ تي جاچ آفيسر مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ کي 8 جون تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آءِ جي سنڌ پاڻ پيش ٿئي ۽ وضاحت ڏئي ته اهڙي جاچ آفيسر خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي آھي؟

ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس داخل ٿيڻ سان ئي جاچ آفيسر قانون موجب ڪارروائي کي يقيني بڻائڻ جا پابند آهن.

فيڪٽري مالڪن جي وڪيل ٻڌايو ته ٻه فيڪٽريون ناجائز طريقي سان بند ڪيون ويون،ڊي سي بغير ڪنهن نوٽيس جي فيڪٽريون سيل ڪري ڇڏيون آھن.

عدالت فيڪٽري مالڪن جي درخواست به ٻين درخواستن سان گڏ ڪرڻ جي ھدايت ڪندي ٻڌڻي 8 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

موٽر وي اسڪينڊل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار وڌيڪ چئن ڏينهن لاءِ نيب حوالي

Read Next

هدايتڪار لڪشمن اٽيڪر وڪي ڪوشل سان ڪترينا ڪيف ڪاسٽ نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular