حڪومت کي عدالتي قانون سازي تي سپريم ڪورٽ سان صلاح ڪرڻ گهرجي: چيف جسٽس

Umar Atta bandyal

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال ريمارڪس ۾ چيو آهي ته حڪومت عدليه جي قانون سازي جي حوالي سان سپريم ڪورٽ سان صلاح مشورا ڪري.

چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 8 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

لارجر بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس محمد علي مظهر شامل آهن.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ کان پڇاڻو ڪيو ته اٽارني جنرل صاحب! توهان ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا؟

جواب ۾ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته اسان وٽ 2 قانون آهن، هڪ سپريم ڪورٽ ريويو آف آرڊر اينڊ ججمينٽ ايڪٽ، ٻيو سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ آهي، ٻنهي ايڪٽن ۾ نظرثاني ۽ وڪيل ڪرڻ جون شقون هڪجهڙائي رکن ٿيون، سپريم ڪورٽ پريڪٽس ائنڊ پروسيجر ايڪٽ وڌيڪ وسيع آهي، سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي اندروني معاملن سان لاڳاپيل شقون شامل آهن، ٻنھي قانونن مان ڪھڙي تي عمل ڪيو وڃي؟ ان تي ڪنهن حل تي پهچڻ ضروري آهي.

چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته ٻنهي قانونن ۾ هڪجهڙائيءَ کي ڏسڻ لاءِ پارليامينٽ کي چئي سگهجي ٿو، توهان جي تجويز جي آجيان ڪريون ٿا، خوشي آهي ته پارليامينٽ ۽ حڪومت هڪجهڙن قانونن ۾ ترميم ڪري رهي آهي، حڪومت کي عدليه بابت قانون سازي بابت سپريم ڪورٽ سان صلاح ڪرڻ گهرجي.

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن قانون هڪجهڙا آهن ته انهن کي حل ڪري سگهجي ٿو يا نه؟ جيڪڏهن قانون ساڳيا آهن ته فل ڪورٽ ۾ درخواستون ٻڌڻ وقت ضايع ڪرڻ هوندو.

اٽارني جنرل چيو ته عدالت معاملو پارليامينٽ حوالي ڪري سگهي ٿي، چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته هو اهو معاملو پارليامينٽ ۾ نه موڪليندا، جيڪڏهن پارليامينٽ ۽ حڪومت ڪا تجويز ڏيندي ته ان تي غور ڪندا.

چيف جسٽس اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته حڪومت کان هدايتون وٺو، تيستائين ڪنهن ٻئي کي ٻڌون ٿا.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالت پارليامينٽ کان ڪارروائي طلب ڪئي هئي، چيف جسٽس چيو ته اخبارن موجب پارليامينٽ عدالت کي ڪارروائي فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اسان پارليامينٽ جي ڪارروائي سندن ويب سائيٽ تان ورتي آهي.

ايندڙ هفتي ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي، ڪراچي کان ڊگهو سفر ڪري ايندڙ سڀني وڪيلن کان معذرت ڪريان ٿو.

اٽارني جنرل چيو ته هتي موسم خوشگوار آهي، اميد آهي ته سڀ لطف اندوز ٿيندا، چيف جسٽس چيو ته ريويو آف آرڊر جو سيڪشن 4 سيڪشن 6 سان هڪجهڙائي رکي ٿو، ٻنهي قانونن ۾ نظرثاني جو طريقو به ساڳيو آهي، مون کي پڪ آهي ته اٽارني جنرل ۽ مسلم ليگ (ن) جا وڪيل اهڙي تڪرار دوران بحث نه ڪرڻ چاهيندا، پارليامينٽ کي معاملو موڪلڻ سان لڳندو ته فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، تڪراري قانون سازي تي قانون جوڙيو ويو، هڪ طريقو اهو آهي ته توهان ٻنهي قانونن تي سوچيو ۽ اسان به مشاورت ڪنداسين، ٻي صورت ۾ پارليامينٽ پنهنجي ڪارروائي ڪري، اسين پنهنجي ڪنداسين، ڏسون ڪير وڌيڪ تيز آهي.

Read Previous

هاڻي توهان واٽس ايپ کي 4 آئي فونز سان به ڳنڍي سگهو ٿا

Read Next

جهانگير ترين جي پنهنجي پارٽي ٺاهڻ لاءِ مشاورت

Most Popular