جهانگير ترين جي پنهنجي پارٽي ٺاهڻ لاءِ مشاورت

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳوڻي اڳواڻ جهانگير ترين جو پنهنجي نئين سياسي پارٽي جي قيام جي حوالي سان مشاورت جو سلسلو جاري آهي.

جهانگير ترين اسلام آباد ۾ پنهنجي قانوني ٽيم سان به مشاورت ڪئي ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ پارٽي رجسٽريشن بابت قانوني ٽيم کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن.

جهانگير ترين پنهنجي نااهلي بابت امڪاني درخواست تي قانوني ٽيم سان به مشاورت ڪئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين اڄ اسلام آباد ۾ اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ ڇڏڻ کانپوءِ اهي ساڻس رابطن ۾ آهن.

جهانگير ترين پنهنجي گروپ جي مختلف ميمبرن سان ٽيليفونڪ رابطو پڻ ڪيو آهي، اهم ملاقاتن کانپوءِ اڄ لاهور روانو ٿيندو.

Read Previous

حڪومت کي عدالتي قانون سازي تي سپريم ڪورٽ سان صلاح ڪرڻ گهرجي: چيف جسٽس

Read Next

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر ساڍا 11 رپيا سستو

Most Popular