تعليمي ادارن جي گاڏين ۾ گئس سلينڊرن تي پابندي، نوٽيفڪيشن جاري

سنڌ ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ مدرسن جي گاڏين ۾ گئس سلينڊر لڳائڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب انٽر سٽي بسن ۾ به سلينڊر کڻڻ تي پابندي هوندي، ٽريفڪ پوليس، موٽر وي، ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڀڃڪڙي ڪنڊرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

ٻئي طرف سنڌ ۾ غير قانوني بس اسٽينڊن خلاف به ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

Read Previous

سنڌ حڪومت جو ٻيهر ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ چين سان رابطو

Read Next

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ گرمين جون ٻه مهينا موڪلون اڄ کان شروع

Most Popular