سنڌ حڪومت جو ٻيهر ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ چين سان رابطو

سنڌ حڪومت ڏهاڪن کان تڪراري بڻيل ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر چين سان رابطو ڪري ورتو آهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ اڄ صبح ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ وارو وزير شرجيل انعام ميمڻ، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ ۽ وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ٻڌايو ته ڪي سي آر منصوبو ٻيهر چيني اختيارين ڏانهن اماڻيو ويو آهي، جنهن جي منظوري جو امڪان آهي.

هن چيو ته ڪي سي آر منصوبو شهر جي ٽريفڪ مسئلن جي حل لاءِ ضروري آهي، سنڌ حڪومت ان منصوبي کي جلد شروع ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ کي ڪي سي آر منصوبي جي دستاويزي ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي چيو ته ڪي سي آر منصوبي جي زمين جو مسئلو جلد حل ڪيو وڃي،

هن ايس ايم بي آر کي پڻ هدايت ڪئي ته ڪي سي آر جي زمين جو مسئلو حل ڪيو وڃي. هڪ هفتي اندر حل ڪري رپورٽ پيش ڪري.

مراد علي شاهه چيو ته ڪي سي آر تي چين سان گڏجي سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جو گڏيل ورڪنگ گروپ ٺاهيو ويندو، اجلاس کي يقين ڏياريو ته انشاءَ الله ڪي سي آر منصوبي کي جلد منظور ڪرائي ڪم شروع ڪيو ويندو.

ڏهاڪا اڳ جاپان ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ ۾ دلچسپي ڏيکاري هئي، ان حوالي سان جائيڪا طرفان تفصيلي فزيبلٽي رپورٽ جاري ڪئي وئي هئي، جاپان سان سالن کان هلندڙ ڳالهين ۾ ڪي سي آر جي بحاليءَ وارو اٺ ڪنهن به پاسي نه ويٺو.

ڪجهه سال اڳ سنڌ حڪومت منصوبي جي فزيبلٽي رپورٽ چين کي ڏني هئي، جنهن تي جاپاني حڪومت تحفظات جو اظهار ڪيو هو، پر بعد ۾ چين به ڪي سي آر تي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

ڪجهه سال اڳ سپريم ڪورٽ جي ڪوششن سان ڪراچي سرڪلر ريلوي جو هڪ حصو جزوي طور تي فعال ٿيو هو، پر محدود روٽ ۽ گهٽ ٽرينن سبب شهري ان مان فائدو حاصل نه ڪري سگهيا آهن.

جاپان پاران تيار ڪيل فزيبلٽي رپورٽ موجب ڪي سي آر روٽ جي ڊيگهه 43.2 ڪلوميٽر آهي.

Read Previous

سعودي عرب جي آبادي 3 ڪروڙ 21 لک کان وڌي وئي

Read Next

تعليمي ادارن جي گاڏين ۾ گئس سلينڊرن تي پابندي، نوٽيفڪيشن جاري

Most Popular