عورت ٽينس اسٽار سيلفيءَ جي اجازت گهرندڙ مداح سان مڱڻو ڪري ورتو

اڳوڻو فرينچ اوپن ۽ ومبلڊن چيمپيئن گبريل موگوروزا هڪ مداح سان مڱڻي ڪئي جنهن 2021 ۾ سيلفي جي اجازت گهري هئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب 29 سالن جي گيبريل موگوروزا کي نيويارڪ ۾ يو ايس اوپن دوران هڪ مداح طرفان سيلفي وٺڻ لاءِ چيو ويو.

رپورٽن مطابق عورت ٽينس پليئر به سوشل ميڊيا تي آرٿر بورجس سان مڱڻي جي تصديق ڪئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب آرٿر بورجز جو تعلق فيشن انڊسٽري سان آهي ۽ انسٽاگرام تي سندس 10 هزار 200 فالوورز آهن.

واضح رهي ته گبريل موگوروزا 2016ع ۾ فرنچ اوپن ۽ 2017ع ۾ ومبلڊن ٽائيٽل کٽيو هو.

Read Previous

پاڪستان آءِ سي سي کان چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارتي ٽيم جي اچڻ جي ضمانت طلب ڪري ورتي

Read Next

مصنوعي ذهانت: جنگي ڏوهن جا ثبوت سوشل ميڊيا پليٽ فارم تان ختم ڪيا ويا

Most Popular