پاڪستان آءِ سي سي کان چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارتي ٽيم جي اچڻ جي ضمانت طلب ڪري ورتي

پاڪستان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) کان چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارتي ٽيم جي اچڻ جي ضمانت طلب ڪري ورتي آهي.

آءِ سي سي چيئرمين گريگ بارڪل ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جيف ايلڊريس لاهور کان دبئي روانو ٿي ويو.

آءِ سي سي عملدارن اهم دوري تي ٻه مصروف ڏينهن گذاريا، تاريخي ماڳن ۽ سيف سٽي اٿارٽي جو دورو ڪيو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي حوالي سان پنهنجو مضبوط موقف آءِ سي سي جي آفيسرن آڏو پيش ڪيو.

ذريعن موجب پاڪستان ڀارت جي روش تي کليل دل سان ڳالهايو ۽ ڀارت ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جو يقين نه ڏياريو.

پي سي بي ڀارت ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت حڪومت جي اجازت سان مشروط ڪري ڇڏي.

پاڪستان آءِ سي سي کي پيغام ڏنو ته جيڪڏهن ڀارت ايشيا ڪپ جي حوالي سان لچڪ ڏيکاري ته پاڪستان به مستقبل ۾ لچڪ ڏيکاري سگهي ٿو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي ورلڊ ڪپ جي هنڌن تي تحفظات جو اظهار ڪيو ۽ مالياتي ماڊل ۾ گهٽ آمدني جي حصيداري تي سوال اٿاريا.

آءِ سي سي معاملي کي ڏسڻ جو يقين ڏياريو ۽ سيف سٽي اٿارٽي جي دوري دوران ڪيل سيڪيورٽي انتظامن کي ساراهيو.

پي سي بي طرفان آءِ سي سي عملدارن کي ٽيمن جي حرڪت تي بريفنگ ڏني وئي.

Read Previous

پاڪستان ۾ ٻه طرفي ڪرڪيٽ لاءِ پي سي بي جا قدم ساراهه جوڳا آهن: گريگ بارڪلي

Read Next

عورت ٽينس اسٽار سيلفيءَ جي اجازت گهرندڙ مداح سان مڱڻو ڪري ورتو

Most Popular