شاهه محمود قريشي سان جيل ۾ ملاقات لاءِ وڪيل کي اجازت ملي وئي

لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي نظربندي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي سندس وڪيل کي ساڻس ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنڊي بينچ جي جسٽس چوڌري عبدالعزيز ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي, شاهه محمود قريشي جو وڪيل بئريسٽر تيمور ملڪ عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت آءِ جي پنجاب، چيف سيڪريٽري پنجاب، سي پي او راولپنڊي، آر پي او ۽ ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته شاهه محمود قريشي سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.

عدالت سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کي هدايت ڪئي ته وڪيل کي شاهه محمود قريشي سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ڪيس جي ٻڌڻي اڱاري 6 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

شهزاد اڪبر جو ڀاءُ بازياب نه ٿيڻ تي اسلام آباد هائي ڪورٽ پاران ڪاوڙ جو اظهار

Read Next

جبران ناصر جي اغوا جو ڪيس ڪراچي جي ڪلفٽن ٿاڻي ۾ داخل

Most Popular