جبران ناصر جي اغوا جو ڪيس ڪراچي جي ڪلفٽن ٿاڻي ۾ داخل

ڪراچي جي ڪلفٽن ٿاڻي ۾ سماجي اڳواڻ جبران ناصر جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب جبران ناصر جي زال منشا پاشا جي فرياد تي نامعلوم ماڻهن خلاف اغوا جي سيڪشن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

منشا پاشا ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسان رات 11 وڳي پنهنجي گهر طرف اچي رهيا هئاسين ته خيابان تنظيم وٽ 2 گاڏين اسان جي گاڏي کي روڪيو.

ڪيس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هٿياربندن منهنجي مڙس کي زبردستي ڪار ۾ ويهاريو ۽ کڻي ويا.

منشا پاشا جو چوڻ آهي ته ٻنهي گاڏين ۾ لڳ ڀڳ 15 هٿياربند ماڻهو سوار هئا.

Read Previous

شاهه محمود قريشي سان جيل ۾ ملاقات لاءِ وڪيل کي اجازت ملي وئي

Read Next

پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي ميچز نه ٿي سگهنديون

Most Popular