ملڪ ۾ آدمشماري جو عمل تڪراري آهي: حافظ نعيم الرحمان

ڪراچي: جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ آدمشماري جو عمل تڪراري آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته مردم شماري جي تصديق واري عمل کي ڳجهو رکيو پيو وڃي، 1 ڪروڙ 92 لک جي ڳڻپ ۾ تبديلي ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته ڪراچي جي آبادي ساڍا ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، نادرا به چوي ٿي ته ڪراچي جي آبادي ٽي ڪروڙ آهي.

حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته هو آدمشماري ۾ ٿيل ڌانڌلي کي عدالت ۾ چيلنج ڪندا، ڪراچي تي وڏيرا ۽ زميندار قبضو ڪري رهيا آهن.

Read Previous

ايران جو پاڪستان ۽ ڀارت سميت نار ملڪن سان بحري اتحاد ٺاهڻ جو منصوبو

Read Next

آن لائين سسٽم تي حاضري نه ڏيندڙ استادن جون پگهارون روڪڻ جو حڪم

Most Popular