آن لائين سسٽم تي حاضري نه ڏيندڙ استادن جون پگهارون روڪڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي اندر تعليمي سڌارن ۽ آن لائين حاضري سسٽم بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران آن لائين حاضري نه ڏيندڙ استادن جون پگهارون روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران عدالت سيڪريٽري آءِ ٽي کي هدايت ڪئي ته حاضري جي نظام کي وڌيڪ اپڊيٽ ڪيو وڃي ۽ آن لائين ايپ تي استادن جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي.

عدالت حڪم جاري ڪندي چيو ته آن لائين سسٽم تي حاضري نه ڏيندڙ استادن جون پگهارون بند ڪيون وڃن.

سيڪريٽري تعليم سنڌ اڪبر لغاري يقين ڏياريندي چيو آهي ته اڪثر استادن وٽ اينڊرائڊ موبائيل فون نه آهن، ان ڪري ڪي ماڻهو ايپ استعمال ڪرڻ جو عذر پيش ڪري رهيا آهن، پر اسان ڪوششون ڪيون، هاڻي استادن جي حاضري 77 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايپ هلي نه ٿي سگهي، سگنل نه ٿو اچي، موبائل ناهي، هي سڀ بهانا آهن.

هن چيو ته جڏهن ڪو سعودي عرب مان وائس ميسيج موڪلي ٿو ته ان کي ٻڌن ٿا، ڪلاڪن جا ڪلاڪ فون تي ڳالهائين ٿا ته پوءِ سگنل اچي رهيو آهي.

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته استاد به ٽڪ ٽاڪ مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن، باقي آن لائين سسٽم تي حاضري لاءِ انٽرنيٽ ناهي، هي سڀ عذرا آهن جيڪي حاضري نه ٿا وٺي انهن جون پگهارون بند ڪيون وڃن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پيش رفت رپورٽ طلب ڪندي چيو ته جيڪڏهن پگهارون روڪيون وڃن ته استاد به فون تان حاضري ڏيندا، ايندڙ ٻڌڻي تي سيڪريٽري جي آءِ ٽي حاضري سسٽم ۽ سيڪريٽري تعليم جي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪري.

Read Previous

ملڪ ۾ آدمشماري جو عمل تڪراري آهي: حافظ نعيم الرحمان

Read Next

جلد نين بسن سميت ٽيڪسي سروس شروع ڪري رهيا آهيون، شرجيل انعام ميمڻ

Most Popular