190 ملين پائونڊ اسڪينڊل، پي ٽي آءِ چيئرمين سميت 22 اڳواڻن خلاف جاچ تيز

190 ملين پائونڊ جي غير قانوني منتقلي واري اسڪينڊل ۾ اهم اڳڀرائي ٿي چڪي آهي.

نيب راولپنڊي پي ٽي آءِ چيئرمين سميت 22 اهم سياسي اڳواڻن خلاف جاچ تيز ڪري ڇڏي.

نيب اڳوڻي وفاقي وزيرن ۽ ڪابينا ميمبرن جي گاڏين، ملڪيتن ۽ اڪائونٽس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

ايڪسائيز جي سمورن صوبائي سيڪريٽرين کي رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيا ويا آهن.

نيب راولپنڊي شيخ رشيد، پرويز خٽڪ، عمر ايوب، حماد اظهر، مراد سعيد، اسد عمر، فواد چوڌري، اعظم سواتي، علي زيدي، فيصل واوڊا، علي امين گنڊاپور، شفقت محمود، غلام سرور، شيرين مزاري، خالد مقبول، فروغ نسيم، خسرو بختيار، اعجاز شاهه ۽ ٻين کان ملڪيتن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.

22 اڳوڻي وفاقي وزيرن ۽ ڪابينا ميمبرن جا نالا ۽ منتقلي گاڏين جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي.

نيب جي خط ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي وفاقي وزيرن جي 2018ع کان هن وقت تائين خريد ڪيل يا وڪرو ڪيل سمورين گاڏين جو رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي.

نيب اڳوڻي وزيرن ۽ ڪابينا ميمبرن سميت ٻين خلاف 190 ملين پائونڊ جي غير قانوني منتقلي جي جاچ ڪري رهي آهي.

Read Previous

سنڌ حڪومت ۽ وڏيرا صوبي کي پنهنجي ڪالوني بڻائڻ چاهين ٿا: فاروق ستار

Read Next

هي اهو وقت آهي جڏهن ڪو ڪنهن جي حمايت ڪري ٿو، چوڌري پرويز الاهي

Most Popular