سنڌ حڪومت ۽ وڏيرا صوبي کي پنهنجي ڪالوني بڻائڻ چاهين ٿا: فاروق ستار

متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ وڏيرا صوبي کي پنهنجي ڪالوني بڻائڻ چاهين ٿا.

هڪ بيان ۾ فاروق ستار چيو ته اسان ڪڏهن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي شهرين کي ئي ڳڻيو وڃي، ڪراچي ۾ رهندڙ مهاجرن سميت لساني ايڪن جي ماڻهن کي ڳڻيو وڃي.

هن چيو ته انهن حالتن جا ذميوار صوبائي حڪومت ۽ سنڌ تي قبضو ڪندڙ آهن، اهي ماڻهو سنڌ کي پنهنجي ڪالوني بڻائڻ چاهين ٿا.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي آبادي سنڌ جي ڪل آبادي جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي پر هڪ سازش تحت ان کي 33 سيڪڙو کان وڌڻ نه ڏنو پيو وڃي.

Read Previous

جناح هائوس حملو ڪيس: پنجاب پوليس جو ياسمين راشد جي بريت کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

190 ملين پائونڊ اسڪينڊل، پي ٽي آءِ چيئرمين سميت 22 اڳواڻن خلاف جاچ تيز

Most Popular