تحريڪ انصاف ڇڏيندڙ ڊاڪٽر مراد راس چيو آهي ته من پسند ميمبرن نئون گروپ ٺاهيو آهي.
ڊاڪٽر مراد راس جو چوڻ هو ته من پسند ميمبرن ڊيموڪريٽس نالي گروپ ٺاهيو آهي، هاشم ڊوگر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ گروپ جي نالي کي حتمي شڪل ڏني وئي.
هن چيو ته جهيڙي وارا ميمبر في الحال جهانگير ترين گروپ سان گڏ نه ويندا، گروپ جي ميمبرن جي سڃاڻپ في الحال ظاهر نه ڪئي ويندي.
ڊاڪٽر مراد راس چيو ته گروپ اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ نه ٿيندو، مسلم ليگ ق، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ۾ شامل نه ٿيندا.