ڀارت: ٽرين حادثي ۾ فوتين جو درست انگ سامهون اچي ويو

ڀارتي اختيارين جو چوڻ آهي ته اوڙيسا جي بالاسور ضلعي ۾ ٽرين حادثي ۾ مارجي ويلن جو انگ 275 نه پر 288 آهي.

ڀارتي اختيارين هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪجهه لاشن کي ٻه ڀيرا ڳڻيو ويو، هن وقت تائين رڳو 88 لاشن جي سڃاڻپ ٿي آهي.

ڀارتي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽرين حادثي ۾ 1175 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، حادثي جو شڪار ٽرين جي بوگين ۾ ڦاٿل ماڻهن جي ڳولا جاري آهي.

ٻئي طرف ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته بوگين مان وڌيڪ 5 لاش ڪڍيا ويا، وڌيڪ لاش ملڻ جو امڪان آهي.

Read Previous

امارات جو وچ اوڀر ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ امداد جو اعلان

Read Next

مصطفيٰ ڪمال موجوده مردم شماري جي آڊٽ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Most Popular