مصطفيٰ ڪمال موجوده مردم شماري جي آڊٽ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ڪراچي ۽ حيدرآباد جي آدمشماري تي اعتراض اٿاريو ۽ آڊٽ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پنهنجي هڪ بيان ۾ مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته اسان کي موجوده آدمشماري قبول ناهي، اسان کي مردم شماري جي ڊيٽا تي اعتراض آهي.

هن چيو ته سنڌ جي آبادي 20 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي پر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي آدمشماري ۾ 20 سيڪڙو به واڌ نه ٿي آهي، ملڪ جي بنيادي مسئلن کي ڪٿي نه ڪٿي دٻايو ويو آهي.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته آدمشماري جو معاملو اسان وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ۾ اٿاريو آهي، خالد مقبول صديقي به آدمشماري واري معاملي تي احسن اقبال کي خط لکيو آهي، ڇاڪاڻ ته آدمشماري اسان لاءِ زندگي ۽ موت جو معاملو آهي.

Read Previous

ڀارت: ٽرين حادثي ۾ فوتين جو درست انگ سامهون اچي ويو

Read Next

ايم ڪيو ايم ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر آڻڻ لاءِ مشاورت

Most Popular