نجمي عالم پنهنجي سندس سيٽ تي مرتضيٰ وهاب کي اليڪشن وڙهڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نجمي عالم پنهنجي سيٽ خالي ڪري مرتضيٰ وهاب کي اليڪشن وڙهڻ جي آڇ ڪئي.

نجمي عالم جو چوڻ آهي ته جن کي پيپلز پارٽي جو چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين نامزد ڪيو ويو آهي انهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو.

پ پ اڳواڻ چيو ته هو ڪراچي جي ميئر لاءِ نامزد ڪيل مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ سلمان عبدالله مراد کي به مبارڪباد پيش ڪري ٿو.

نجمي عالم وڌيڪ چيو ته اسان سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين.

واضح رهي ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي ميئر لاءِ مرتضيٰ وهاب کي پارٽي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي.

پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي جي پريس ڪانفرنس جي حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري سوشل ميڊيا ويب سائيٽ تي پيغام جاري ڪيو.

Read Previous

بلاول ڀٽو ڪراچي جي ميئر لاءِ مرتضيٰ وهاب کي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

Read Next

دفاعي بجيٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ مشاورت جاري آهي: خواجا آصف

Most Popular