بلاول ڀٽو ڪراچي جي ميئر لاءِ مرتضيٰ وهاب کي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جي ميئر لاءِ پارٽي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو.

پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي جي پريس ڪانفرنس جي حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري سوشل ميڊيا ويب سائيٽ تي پيغام جاري ڪيو.

پنهنجي پيغام ۾ پ پ چيئرمين سمورن چيئرمينن، ڊپٽي چيئرمينن، ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ٽائون اميدوارن کي سندن نامزدگي تي مبارڪباد ڏني.

هن چيو ته عوام پيپلز پارٽي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، هاڻي اسان کي ايندڙ مرحلي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻي آهي ته جيئن عوام جي بهتر خدمت ڪري سگهجي.

بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته خاص طور تي حيدرآباد ۽ ڪراچي جي عوام جا ٿورائتا آهيون، جن پهريون ڀيرو پيپلز پارٽي تي اعتماد جو اظهار ڪيو.

Read Previous

جيڪو چوندو هو “ڪلا اِي ڪافي آن، آج ڪلا ئي بيٺا اي“، مريم نواز

Read Next

نجمي عالم پنهنجي سندس سيٽ تي مرتضيٰ وهاب کي اليڪشن وڙهڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

Most Popular