
روس يوڪرين جي حملي کي ناڪام بڻائڻ ۽ سوين فوجين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
روسي بچاءَ واري وزارت موجب يوڪرين ڏکڻ ڊونيٽسڪ ۾ 6 مشيني، 2 ٽينڪ بٽالين سان حملو ڪيو جنهن کي ناڪام بڻايو ويو آهي.
روسي بچاءَ واري وزارت موجب روسي فورسز يوڪرين جا 250 فوجي ماري ڇڏيا، ٽينڪ، پيادل گاڏيون ۽ 21 هٿياربند ويڙهاڪ گاڏيون تباهه ڪيون.
ٻئي طرف پرڏيهي خابرو اداري موجب يوڪرين طرفان روسي دعويٰ تي ڪو به ردعمل سامهون نه آيو آهي.