پاڪستاني شهرين جي ويزا جي طريقيڪار کي تيز ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: ڪينيڊين وزير

ڪينيڊا جي اميگريشن واري وفاقي وزير سين فريزر چيو آهي ته پاڪستاني شهرين لاءِ ڪينيڊا جي ويزا حاصل ڪرڻ جا سمورا مرحلا تيز ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

نمائندي جنگ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي سين فريزر چيو ته اسلام آباد ۾ درخواستن جو جائزو وٺڻ جي صلاحيت کي وڌايو پيو وڃي ۽ ويزا پروسيسنگ جو وقت مڪمل طور تي 60 ڏينهن ۾ لاڳو ڪيو ويندو.

شان فريزر جو چوڻ هو ته هن وقت ڪينيڊين اميگريشن جي سرڪاري ويب سائيٽ تي ويزا پروسيسنگ جو مدو يعني 800 ڏينهن کان وڌيڪ آهي، جيڪو نون درخواستن تي لاڳو نٿو ٿئي، اهو پراڻن التوا واري درخواستن جو عرصو آهي.

ڪينيڊين وزير چيو ته جيئن ئي پراڻيون درخواستون ختم ٿينديون ته ويب سائيٽ کي اپڊيٽ ڪيو ويندو.

Read Previous

سنڌ ۾ هڪ ٻي خانگي يونيورسٽي وجود ۾ اچي وئي، گورنر چارٽر تي صحيح ڪري ڇڏي

Read Next

روس يوڪرين جي سوين فوجين کي مارڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

Most Popular