جهانگير ترين ۽ پرويز خٽڪ وچ ۾ ڳالهيون طئي ٿي ويون

ڪجهه عرصو اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڇڏڻ ۽ پنهنجي ڌار پارٽي ٺاهڻ واري جهانگير ترين ۽ تازو ئي پي ٽي آءِ ڇڏڻ واري پرويز خٽڪ وچ ۾ ڳالهيون طئي ٿي ويون آهن.

ذريعن موجب پرويز خٽڪ ڪيترن ئي ڏينهن کان جهانگير ترين سان رابطي ۾ آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز خٽڪ پنهنجي ساٿين سميت جهانگير ترين جي استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿيندو.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پرويز خٽڪ کي پاڪستان استحڪام پارٽي جو جنرل سيڪريٽري بڻائڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته جهانگير ترين هڪ ڏينهن اڳ استحڪام پاڪستان پارٽي قائم ڪرڻ جو باضابطا اعلان ڪيو هو.

Read Previous

پاڪستان جو وڏو دشمن ثناءُ الله غفاري افغانستان ۾ مارجي ويو

Read Next

اڄ 14 هزار 500 ارب رپين جي بجيٽ ۾ پگهارون، پينشن ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ واڌ ڪئي ويندي

Most Popular