ٽيڪس وڌائڻ سان مهانگائي نه وڌندي: ناڻي وارو وزير

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته مان 6 پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪري چڪو آهيان، اڄ ستين آهي، اسان هي بجيٽ روايت کان هٽي ڪري پيش ڪئي آهي، ٽيڪس وڌائڻ سان مهانگائي نه وڌندي.

اسلام آباد ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران اسحاق ڊار چيو ته بجيٽ معاملن تي فيڊرل بيورو آف روينيو (ايف بي آر) ۾ ٻه ڪميٽيون ٺاهيون وينديون، هڪ بزنس ڪميٽي ۽ ٻي ٽيڪنيڪل ڪميٽي هوندي.

هن چيو ته بجيٽ کانپوءِ تجويزن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي رهي آهي، ايف بي آر جو ڪل 12163 ارب آهي، پرائيويٽ پبلڪ سيڪٽر کي کڻڻ سان ملڪ جو چرخو هلندو.

ناڻي واري وزير جو چوڻ آهي ته ايس ڊي پي ۾ صحت، تعليم، سماجي شعبن، ٽرانسپورٽ جي بجيٽ رکي وئي آهي، صوبن جي ترقياتي بجيٽ 1559 ارب رپيا ۽ وفاق جي ترقياتي بجيٽ 1150 ارب رپيا آهي.

اسحاق ڊار چيو ته پي ايس ڊي پي تي شفاف طريقي سان عمل ڪيو وڃي ته نظام بهتر ٿيندو، گذريل حڪومت عوامي قرضن ۾ واڌ ڪئي، قرضن جي مد ۾ هڪ وڏي رقم هن بجيٽ ۾ هلي ويندي، بجيٽ جا هدف حاصل ڪيا ويندا، ترقي سان ملڪ جو ڦيٿو صحيح هلندو، ايندڙ مالي سال لاءِ ترقي جي شرح 3.5 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي.

هن جو چوڻ آهي ته مهانگائي جو هدف 21 سيڪڙو آهي، جي ڊي پي ۾ ٽيڪس جو تناسب 8.7 سيڪڙو آهي، زراعت تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي.

زراعت جو شعبو سڀ کان وڌيڪ فائدو ڏئي ٿو، ملڪ کي ٻيهر ٽريڪ تي آڻڻ ۽ ترقي جي رستي تي وڃڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن ترقياتي بجيٽ تي صحيح طريقي سان عمل ڪيو وڃي ته ترقي جي شرح جو هدف حاصل ٿي ويندو، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو خيال آهي ته ترقي جي شرح 4 سيڪڙو رهي سگهي ٿي، ادائگي سڀ کان وڏو بار آهي، قرض ٻيڻو ٿي ويو آهي. چئن سالن ۾ شرح سود به 21 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جيڪڏهن شرح نمو بهتر ٿي ته روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.

Read Previous

سنڌ جي 24-2023ع جي مجموعي بجيٽ 2244 ارب رپيا رکڻ جي تجويز

Read Next

پگهارن ۾ واڌ، پينشن، برانڊڊ ڪپڙا مهانگا، سولر پينل سستا، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار مقرر

Most Popular