سنڌ جي 24-2023ع جي مجموعي بجيٽ 2244 ارب رپيا رکڻ جي تجويز

مالي سال 2023-24 لاءِ سنڌ جي مجموعي بجيٽ 2244 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.

ذريعن موجب سنڌ جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ به واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب صوبي جي ترقياتي بجيٽ 410 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته وفاق پي ايس ڊي پي ۾ سنڌ لاءِ 12 ارب رپين کان وڌيڪ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي فنڊنگ منصوبن لاءِ بجيٽ جو ڪاٿو 266 ارب آهي، جڏهن ته امن امان لاءِ 160 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.

سنڌ جي لوڪل گورنمينٽ کاتي جي ترقياتي بجيٽ 62 ارب آهي، جڏهن ته تعليم کاتي لاءِ 353 ارب کان وڌيڪ ۽ نئين ۽ جاري ترقياتي اسڪيمن لاءِ 380 ارب کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز آهي.

ذريعن موجب ايندڙ مالي سال ۾ 7193 نيون اسڪيمن لاءِ 88 ارب رپيا ۽ 3311 جاري اسڪيمن لاءِ 291 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هلندڙ مالي سال ۾ 1772 اسڪيمون مڪمل ڪيون وينديون، ڪراچي جي جاري ميگا پراجيڪٽس لاءِ 12 ارب 52 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ضلعي جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 30 ارب رپيا ۽ ڪراچي جي پرڏيهي امداد جي منصوبن لاءِ 100 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

ذريعن موجب نئين بجيٽ ۾ سول، ضلعي ۽ تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتالن جي اپ گريڊيشن جون اسڪيمون شامل آهن.

سنڌ جي نئين بجيٽ ۾ لوڪل ڪائونسلن جي گرانٽ وڌائڻ جي تجويز پڻ شامل آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪول ايجوڪيشن جي ترقياتي منصوبن لاءِ 1 کرب 65 ارب رپيا، ڪاليج ايجوڪيشن جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 65 ارب 80 ڪروڙ رپيا ۽ يونيورسٽي بورڊز جي ترقياتي منصوبن لاءِ 67 ارب 10 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز آهي.

ان بجيٽ بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ضلعن ۾ 50 انگريزي ميڊيم اسڪول قائم ڪرڻ جو منصوبو به شامل آهي، جنهن لاءِ 1 ارب 51 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز آهي.

Read Previous

پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي عالمي رينڪنگ ۾ بهتري اچي وئي

Read Next

ٽيڪس وڌائڻ سان مهانگائي نه وڌندي: ناڻي وارو وزير

Most Popular