آسٽريليا ڀارت کي شڪست ڏئي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن بڻجي ويو

آسٽريليا ڀارت کي شڪست ڏئي آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ کٽي ورتي.

لنڊن جي اوول ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيل فائنل ميچ ۾ آسٽريليا ڀارت کي 209 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي 469 رنسون ٺاهيون پر ڀارتي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 296 رنسون ٺاهي سگهي.

آسٽريليا پنهنجي ٻي اننگز 270 رنسن تي 8 رانديگرن تي ڊڪليئر ڪري ڀارت کي 444 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.

ڀارتي ٽيم هدف جو پيڇو ڪرڻ ۾ محتاط شروعات ڪئي ۽ چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين 3 رانديگرن جي نقصان تي 163 رنسون ٺاهي ورتيون.

پنجين ڏينهن آسٽريلوي بالرز جي سامهون ڀارتي بيٽسمين بيهي نه سگهيا ۽ پوري ٽيم 234 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

واضح رهي ته ان کان اڳ 2021 ۾ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ ڀارت کي نيوزيلينڊ هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.

Read Previous

ڪراچي جي ميئر لاءِ حافظ نعيم الرحمان جا نامزدگي ڪاغذ منظور

Read Next

ڪراچي مال منڊي ۾ واپارين کان ڦرلٽ جون وڊيوز ۽ خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل

Most Popular