پيرس ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ”استحکام پاڪستان“ ريلي

ملڪ جي سلامتي ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ فرانس جي شهر پيرس ۾ ايفل ٽاور تي ”استحڪام پاڪستان“ ريلي ڪڍي وئي.

ريلي دوران شرڪت ڪندڙن چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نديم انجم ۽ پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هنيا ۽ اعليٰ فوجي قيادت جا وڏا وڏا فوٽو پڻ کنيل هئا.

ريلي جو انتظام پيرس سان تعلق رکندڙ چوڌري احمد خان آف جلياني ڪيو هو.

ان موقعي تي هن چيو ته پرڏيهه ۾ ويهي ملڪ ۽ ادارن تي تنقيد نه ڪرڻ گهرجي، پاڪ فوج اسان جي سر جو تاج آهي.

ريلي ۾ اي يو-پاڪ فرينڊ شپ فيڊريشن يورپ جي چيئرمين چوڌري پرويز اقبال لوهسر چيو ته اسان کي سياسي سماجي وابستگين کان مٿانهون ٿي سرسبز جهنڊي جي ڇانو هيٺ گڏ ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته بدقسمتي سان اسان جي ذهنن ۾ موجود سياسي اڳواڻن پارٽي سياست کي اوليت ڏئي قوم کي ٽولن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، اڄ اسان کي پاڻ کي ۽ نئين نسل کي پاڪستان جي عزت ۽ وقار کي اوليت ڏيڻ جو درس ڏيڻ جو عزم ڪرڻ گهرجي.

Read Previous

حليم عادل شيخ پاران ڪراچي جي ميئر جي چونڊ لاءِ هدايتون جاري

Read Next

فضائي گدلاڻ ۽ حياتياتي بقا لاءِ خطرا

Most Popular