حريم شاهه وڊيو ليڪ ڪيس، صندل خٽڪ جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل منتقل

ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي وڊيو ليڪ ڪيس ۾ عدالت جوابدار صندل خٽڪ کي جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ شبير ڀٽي ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي وڊيو ليڪ ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

هوڏانهن ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ کي ريمانڊ لاءِ مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر صندل خٽڪ جي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.

عدالت کان صندل خٽڪ جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪندي جاچ آفيسر چيو ته جوابدار عائشه ناز کان جاچ ڪئي پئي وڃي، وڌيڪ تفصيل وٺڻا آهن.

Read Previous

شاهه رخ خان پنهنجي ڌيءَ جي بالي ووڊ ڊيبيو تي پراڻين يادن کي تازو ڪري ڇڏيو

Read Next

سامونڊي طوفان بپرجوئي جو ڪراچي کان فاصلو وڌي ويو

Most Popular