سامونڊي طوفان بپرجوئي جو ڪراچي کان فاصلو وڌي ويو

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان بپرجوئي جو ڪراچي کان فاصلو وڌي ويو آهي.

سامونڊي طوفان ڪراچي کان 370 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آهي، ان کان اڳ اهو 340 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آيو هو.

طوفان ٺٽي کان 355 ڪلوميٽر ڏکڻ جڏهن ته ڪيٽي بندر جي 290 ڪلوميٽر ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اولهه آهي.

سامونڊي طوفان بپرجوئي جي اثر هيٺ ڪراچي مٿان ڪڪرن جو راڄ آهي، تيز هوائون هلي رهيون آهن.

شهر جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي.

ڪراچي جي مختلف علائقن ڪلفٽن، ڪورنگي، ملير، شارع فيصل، گلستان جوهر، گلشن اقبال، نارٿ ڪراچي، نيو ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، ناظم آباد، آءِ آءِ چندريگر روڊ، صدر، لياري، اولڊ سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات پئي.

Read Previous

حريم شاهه وڊيو ليڪ ڪيس، صندل خٽڪ جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل منتقل

Read Next

ناصر بٽ جي نوازشريف سان اهم ملاقات، هدايتون وٺي ايندڙ هفتي واپس ورندو

Most Popular