ناصر بٽ جي نوازشريف سان اهم ملاقات، هدايتون وٺي ايندڙ هفتي واپس ورندو

اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ناصر محمود بٽ اڱاري ڏينهن لنڊن ۾ سندس رهائشگاهه تي پارٽي قائد نواز شريف سان اهم ملاقات ڪئي.

ملاقات کي ملڪي سياسي صورتحال جي حوالي سان اهم قرار ڏنو پيو وڃي ۽ نواز شريف ناصر بٽ کي فوري طور لنڊن پهچڻ جي هدايت ڪئي هئي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ناصر بٽ نواز شريف جي تازي هدايتن تي ايندڙ هفتي اسلام آباد واپس ايندو.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) جو باني جهانگير خان ترين به لنڊن پهچي ويو آهي، جتي سندس نواز شريف سان ملاقات کان علاوه طبي معائني سميت ٻين مصروفيتن جو به امڪان آهي.

Read Previous

سامونڊي طوفان بپرجوئي جو ڪراچي کان فاصلو وڌي ويو

Read Next

ڪراچي جي ميئر جي چونڊ کان اڳ پ پ ۽ جماعت اسلامي ۾ لفظي جنگ

Most Popular