سنڌ تان خطرو ٽري ويو، سامونڊي طوفان گجرات سان ٽڪرائجي ويو

ڪراچي: طوفان ڀارتي گجرات سان ٽڪرائجي ويو، سنڌ تان خطرو ٽري ويو، اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته انتهائي شديد طوفان ڪمزور ٿيڻ بعد سائڪلونڪ ۾ تبديل ٿي ويو آهي.

اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته سائيڪلون اڄ ڊپريشن ۾ تبديل ٿي ويندو، سامونڊي طوفان بِپَر جواءِ ڀارتي علائقي گجرات جي ساحلي علائقن سان مڪمل طور ٽڪرائجي چڪو آهي.

موسميات کاتي موجب ڪمزور ٿيڻ بعد طوفان ڪيٽي بندر کان 200 ڪلوميٽر پري ٿي ويو آهي، طوفان ٺٽو کان 180 ۽ ڪراچي کان 270 ڪلوميٽر پري ٿي چڪو آهي.

موسميات کاتي موجب سامونڊي طوفان گجرات جي ساحلي علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، وڻ، بجلي جا کنڀا ۽ گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون.

ڀارتي رياست گجرات ۾ طوفان وڏو نقصان ڪيو آهي، پاڪستان وڏي نقصان کان بچي ويو آهي.

Read Previous

نااهلي جو مدو 5 سال: سينيٽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميمن وارو بل منظور ڪري ورتو

Read Next

بپر جواءِ ٻين طوفانن جي ڀيٽ ۾ گهڻي وقت تائين رهيو، شيري رحمان

Most Popular