نااهلي جو مدو 5 سال: سينيٽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميمن وارو بل منظور ڪري ورتو

Senate Ijlas

اسلام آباد: سزا مقرر نه هئڻ جي صورت ۾ نااهلي 5 سالن کان وڌيڪ نه هوندي، سينيٽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميمن واري بل جي اڪثريتي راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي

تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جي ميمبرز مخالفت ڪئي، اليڪشن ايڪٽ جي اهليت بابت سيڪشن 232 ۾ ترميم تحت نااهلي جي سزا 5 سالن کان وڌيڪ نه هوندي.

اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 57 ۾ ترميم تحت اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي تاريخ يا تاريخن جو اعلان ڪندي.

اليڪشن ڪميشن چونڊن جو نئون شيڊول جاري ڪرڻ جي مجاز به هوندي

سزا ٻڌايل شخص فيصلي واري ڏينهن کان رڳو 5 سالن لاءِ نااهل ٿيندو، واڳيل شخص پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ٿيڻ جو اهل هوندو.

Read Previous

پاڪستان پاران تجويز ڪيل هائبرڊ ماڊل ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل قبول ڪري ورتو

Read Next

سنڌ تان خطرو ٽري ويو، سامونڊي طوفان گجرات سان ٽڪرائجي ويو

Most Popular