حڪومتي اتحادي نفيسا شاهه بجيٽ کي غير حقيقي قرار ڏئي ڇڏي

حڪومتي اتحادي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نفيسه شاهه تازو پيش ڪيل وفاقي بجيٽ کي چونڊن جي بجيٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ نفيسه شاهه چيو ته هي غير حقيقي بجيٽ آهي.

هنن جو چوڻ آهي ته حڪومت وٽ 2 مهينن جو وقت آهي، ڪهڙي بجيٽ ڏني وئي آهي؟

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته اسان جا مالياتي ذخيرا رڳو 1 مهيني جي درآمدن لاءِ آهن.

هن چيو ته اسان کي ٻڌايو ويو ته بجيٽ ۾ ڏکيا فيصلا ڪيا ويندا، ڪو به ڏکيو فيصلو ناهي ڪيو ويو.

نفيسه شاهه وڌيڪ چيو ته هن وقت اسان جي مٿي تي معاشي طوفان بيٺو آهي.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اهو به چيو آهي ته آءِ ايم ايف اسان تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي، هڪ مهيني کانپوءِ معيشت وڌيڪ خراب ٿي ويندي.

Read Previous

شهباز شريف بنا مقابلي مسلم ليگ ن جو صدر چونڊجي ويو

Read Next

حڪومت جي درخواست تي گهر ڇڏي ڪئمپن ۾ ويندڙن جا ٿورائتا آهيون: وڏو وزير

Most Popular