حڪومت جي درخواست تي گهر ڇڏي ڪئمپن ۾ ويندڙن جا ٿورائتا آهيون: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن جا ٿورائتا آهيون جيڪي حڪومت جي درخواست تي پنهنجا گهر ڇڏي ڪئمپن ۾ ويا.

هن چيو ته سنڌ حڪومت سامونڊي طوفان بپرجوئي کي نظر ۾ رکندي سخت قدم کنيا، وزيراعظم شهباز شريف هر قسم جي مدد ۽ تعاون جو يقين ڏياريو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سامونڊي پٽي ۾ خطرو ختم ٿيڻ بعد معمول جي زندگي بحال ڪئي پئي وڃي.

مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته محنت ڪرڻ تي سمورن ادارن کي ساراهيان ٿو، گهر خالي ڪرائڻ جو مقصد حياتيون بچائڻ هو.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته انهيءَ کي ٽيم ورڪ چئبو آهي، ان ٽيم ورڪ جا مثال گهٽ آهن.

Read Previous

حڪومتي اتحادي نفيسا شاهه بجيٽ کي غير حقيقي قرار ڏئي ڇڏي

Read Next

سعودي عرب 167 ملڪن کي 96 ارب ڊالر امداد ڏني

Most Popular