امرتا رائو ۽ آر جي انمول جي شادي ۾ عامر خان ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟

بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا امرتا رائو انڪشاف ڪيو آهي ته عامر خان آر جي انمول سان سندس شادي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

آر جي انمول کي سندس مشهور ريڊيو شو ’دي ڪپل شرما شو‘ ۾ انوراگ پانڊي، جيتو راج ۽ مليشڪا سان گڏ مهمان طور دعوت ڏني وئي هئي.

شو ۾ پنهنجي پيار جي ڪهاڻي بيان ڪندي هن انڪشاف ڪيو ته عامر خان منهنجي زال امرتا رائو جي والد کي شادي لاءِ راضي ڪرڻ ۾ منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي ڇو ته اهو ڪو آسان ڪم نه هو.

انمول جو چوڻ هو ته هنن ٿيئٽرن ۾ پراڻين فلمن جي نمائش شروع ڪئي ان ڪري عامر خان ٿيٽر ۾ ڏيکاريل پهرين فلم ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.

هن وڌيڪ چيو ته فلم جي اسڪريننگ کان پوءِ عامر خان گهر پهچندي منهنجي تعريف ڪئي، ان ڪري مون کيس چيو ته امرتا رائو جي پيءُ سامهون به منهنجي اهڙي ئي ريت تعريف ڪجان، جيڪو اسڪريننگ تي موجود هوندو ۽ پهريون ڀيرو مون سان ملندو.

آر جي انمول چيو ته عامر خان منهنجي درخواست کي قبول ڪيو، فلم جي اسڪريننگ تي امرتا رائو جي والد آڏو ساراهه ڪئي ۽ اهو قدم منهنجي لاءِ مثبت هو.

واضح رهي ته امرتا رائو ۽ آر جي انمول جي شادي 2014ع ۾ ٿي هئي ۽ 2020ع ۾ هن جوڙي کي هڪ پٽ ڄائو هو.

Read Previous

ڀارتي ميڊيا هائبرڊ ماڊل تي غلط خبرون هلايون، نجم سيٺي

Read Next

يونان ۾ ٻيڙي حادثي تي وزيراعظم سڀاڻي سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular