بل گيٽس جي چيني صدر سان ملاقات

بل گيٽس، بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪو چيئرمين، بيجنگ ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ چيني صدر شي جن پنگ عالمي غربت جي خاتمي، صحت، ترقي ۽ انسان دوستي جي فروغ لاءِ بل گيٽس ۽ گيٽس فائونڊيشن جي ڊگهي مدي وارين ڪوششن کي ساراهيو.

ان موقعي تي شي جن پنگ چيو ته هن وقت سڄي دنيا ۾ هڪ صدي ۾ پهريون ڀيرو اهم تبديليون اچي رهيون آهن.

هن چيو ته مون عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ چيني حل فراهم ڪرڻ لاءِ گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشيٽو ۽ گلوبل سولائيزيشن انيشيٽو پيش ڪيو آهي.

Read Previous

ته ملير ايڪسپريس وي ڪراچي جي ترقي ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو، مراد علي شاهه

Read Next

ڀارتي فوج ۾ هر ٽئين ڏينهن آپگهات جو هڪ واقعو

Most Popular