ته ملير ايڪسپريس وي ڪراچي جي ترقي ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو، مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ملير ايڪسپريس وي ڪراچي جي ترقي ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو.

ڪراچي ۾ ملير ايڪسپريس وي جي ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺندي وڏي وزير چيو ته 39 ڪلوميٽر ملير ايڪسپريس وي جو منصوبو 27 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويندو، ڄام صادق پل کان قائد آباد تائين ملير ايڪسپريس وي جو پهريون حصو 38 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ملير ايڪسپريس وي جو هڪ حصو ڊسمبر ۾ کولڻ جو ارادو آهي، قائد آباد کان ڪاٿور تائين ٻئي حصي جو ڪم 15 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته منصوبي تي 6 انٽرچينج، فلائي اوور ۽ 6 پل ٺاهيا ويندا، ملير ايڪسپريس وي جي تعمير سان شارع فيصل تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ ان جي تعمير سان فاصلو 40 ڪلوميٽر گهٽ ٿيندو.

هن چيو ته ڪراچي کان ٺٽي ۽ ڄامشورو ويندڙ ٽريفڪ جو پريشر به گهٽ ڪيو ويندو.

ان موقعي تي سنڌ جو اطلاعات وارو وزير شرجيل انعام ميمڻ، نئون چونڊيل ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.

Read Previous

ڪراچي جو نئون چونڊيل ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان مراد سڀاڻي حلف کڻندا

Read Next

بل گيٽس جي چيني صدر سان ملاقات

Most Popular