
ڀارت ۾ گرمي جي لهر سبب 96 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب مارجي ويلن مان 54 جو تعلق يوپي ۽ 42 جو بهار سان آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب فوت ٿيلن جي عمر 60 کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي، بهار جا 15 ضلعا سخت گرمي جي لپيٽ ۾ آهن.
اختيارين 60 سالن کان مٿي عمر وارن ماڻهن کي ڏينهن دوران گهر ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.