حڪومت وٽ ايجنٽن خلاف ڪارروائي لاءِ ٻه مهينا آهن، خواجا آصف

بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته يورپ وڃڻ جي خواهش وارن ماڻهن جو ڏوهارين فائدو ورتو، اسان جي حڪومت وٽ 2 مهينا آهن، انهن ايجنٽن خلاف ڪارروائي ڪري سگهون ٿا.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته يونان ۾ ٻيڙي حادثي ۾ فوتين جو هڪ وڏو سانحو آهي.

خواجا آصف جو چوڻ آهي ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، سوڳوار خاندانن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

هن چيو ته اسان پنهنجي حڪومت ۽ سمورن اتحادين سان گڏ سوڳوار خاندانن سان گڏ آهيون، اصل ڳالهه اها آهي ته اهو ڪاروبار بند ڪيو وڃي، سوڳ واري ڏينهن تي هي پارليامينٽ به ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.

وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته يونان ۾ ٻيڙي حادثي ۾ سڄي ملڪ مان ڪيترائي پاڪستاني فوت ٿي ويا، يونان جي ڪوسٽ گارڊ بي حسي ڏيکاري، ٻڏندڙ ماڻهن کي نه بچايو، يونان جي عوام ان خلاف احتجاج ڪيو.

مسلم ليگي اڳواڻ چيو ته 9 مئي جي واقعي کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اصل چهرو سڀني جي سامهون اچي ويو آهي.

Read Previous

ثاقب نثار جي پٽ جي آڊيو ليڪ تي طلبي خلاف اسٽي آرڊر ۾ واڌ

Read Next

ڀارت ۾ گرمي جي لهر سبب 100 جي لڳ ڀڳ ماڻهو فوت

Most Popular