اولمپئن جيولين ٿرور ارشد نديم ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ مان ٻاهر

اولمپئن جيولن ٿرور ارشد نديم گوڏي جي انجري سبب ايندڙ مهيني ٿيندڙ ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ارشد نديم جي نااهلي جو انڪشاف پاڪستان ايٿليٽڪس فيڊريشن جي صدر اڪرم ساهي ڪيو.

هن چيو ته ارشد نديم ايشين ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ لاءِ فٽ ناهي، جيڪو ملڪ لاءِ وڏو ڌڪ آهي.

اڪرم صاحب وڌيڪ چيو ته ارشد نديم کي نيشنل گيمز ۾ شرڪت نه ڪرڻ گهرجي ها، اسان کيس واپڊا طرفان شرڪت نه ڪرڻ جو چيو هو.

هن چيو ته اسان جون ڳالهيون نه مڃيون ويون ۽ ارشد نديم کي ميڊل لاءِ زخمي ڪيو ويو، اسان کي پهريان پاڪستان جو سوچڻ گهرجي.

Read Previous

سني ديول جي زال پٽ جي شادي جي تصويرن سبب ٽرول ٿي وئي

Read Next

ڪو به اسٽي آرڊر جاري نٿا ڪريون، ڪنهن به عبوري حڪم کان اڳ اٽارني جنرل کي ٻڌئينداسين، چيف جسٽس

Most Popular