آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان حتمي معاهدي جي ويجهو پهچي ويا

عالمي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) ۽ پاڪستان حتمي معاهدي جي ويجهو آهن، هڪ باضابطه اعلان جو جلد امڪان آهي.

ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ نائين اليون جي جائزي ۽ پروگرام جي بحالي ۾ رڪاوٽون ختم ٿي ويون آهن.

اها اڳڀرائي پيرس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي) وچ ۾ رابطن ۽ ملاقاتن ۾ ٿي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف جي ٽيم وچ ۾ ڳالهيون 3 ڏينهن جاري رهيون، جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ ۾ رات دير سان ڳالهين ۽ نئين ڊرافٽ جي تياري تي ڳالهيون جاري رهيون.

ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ سندس ٽيم گذريل 3 ڏينهن کان معاملا طئي ڪرڻ ۾ مصروف هئي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ ايم ايف ۽ ناڻي واري وزارت جي ٽيم ڇنڇر جي صبح نئين ڊرافٽ کي حتمي شڪل ڏني ۽ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ وڌيڪ مسئلا يا ٽيڪنيڪل مشڪلات نه هئڻ جي صورت ۾ نائين جائزي کي مڪمل ڪيو ويندو.

Read Previous

مفتاح اسماعيل ن ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

Read Next

فوج خلاف هٿيار کڻڻ وارا غدار آهن: روسي صدر

Most Popular