فوج خلاف هٿيار کڻڻ وارا غدار آهن: روسي صدر

روسي صدر پيوٽن چيو آهي ته بغاوت ۾ حصو وٺندڙن کي سزا ڏني ويندي.

ويگنر گروپ پاران بغاوت جي اعلان کانپوءِ روس جي صدر ٽي وي تي قوم کي خطاب ڪندي چيو ته هو عوام جي بقا ۽ سلامتي لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهن.

روسي صدر چيو ته هو آئين جو دفاع ڪندو، ويگنرز کي فوجداري ڪارروائي ۾ حصو وٺڻ بند ڪرڻ گهرجي، هو روس جي دفاع لاءِ سڀ ڪجهه ڪندا، جيڪو به فوج خلاف هٿيار کڻي ٿو اهو غدار آهي.

پيوٽن چيو ته سڀ ڊويزنون ختم ڪيون وڃن، ويگنر گروپ اهو ئيرو آهي جنهن ڊان باس کي آزاد ڪرايو.

روسي صدر چيو ته اسان جو جواب سخت هوندو، روستوف ۾ صورتحال ڏکي آهي، اتي قدم کڻنداسين.

هن چيو ته روسي فورسز کي ضروري حڪم مليا آهن.

Read Previous

آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان حتمي معاهدي جي ويجهو پهچي ويا

Read Next

ويگنر گروپ روس جي خلاف بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular